تڳئي فقير جي مزار

تڳئي فقير جي مزار

تڳئي فقير جي مزار

تڳئي فقير جي مزار: شهداد پور جو شهر، مير خان ٽالپر اول'>شهداد خان ٽالپر اول، ميان يار محمد ڪلهوڙي جي دؤر ۾ ٻڌايو هو. ان زماني ۾ خدا آباد ڪلهوڙن جي گاديءَ جو هنڌ هو. مير شهداد خان ٽالپر ۽ سندس پويان ان شهر ۾ رهندا هئا. انهن ميرن مان گھڻا شاهپور چاڪر جي مقام ۾ دفن ٿيل آهن،جنهن کي ”خان جا قبا'>شهداد خان جا قبا“ چوندا آهن. مير شهداد خان جي مزار کان اٽڪل پنجن ستن قدمن جي مفاصلي تي سندس والد مير نصير محمد خان ڄام نندي جي مزار آهي. ان مزار جي سامهون اترئين طرف هڪ وڏي عاليشان مسجد تعمير ٿيل آهي. هيءَ مسجد شريف مير ڄام نندي جي يادگيريءَ ۾ جوڙايل آهي. مير محمد نصير نندي جي مسجد جي اوڀر ۾ ٻه سو کن قدم پري هڪ پڪين سرن جو ٺهيل چبوترو آهي. ڪلهوڙن جي زماني جھڙين جاين ۾ ڪتب آندل سرن جھڙيون تمام ننڍڙيون ۽ سنهڙيون سرون استعمال ڪيون ويون آهن. مٿان گچ جو گارو ٿيل آهي. هن چبوتري کي اڀرندي پاسي کان صرف هڪ دروازو آهي. ان چبوتري اندر تڳئي فقير جي ڊگھي تربت آهي. فقير صاحب بلوچ قبيلي مگسين مان هو. پاڻ وڏو صوفي، درويش، حال ۽ قال جو صاحب ٿي گذريو آهي. سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون چيون وڃن ٿيون. روايت آهي ته اهو چبوترو مير صاحبن تعمير ڪرايو هو ۽ مير صاحب سندس ڏاڍا معتقد هئا. ان ساڳئي چبوتري اندر فقير جي قبر جي ڀرسان هڪ ٻي به قبر آهي، جا سندس ڪنهن خاص مريد يا خليفي جي آهي.تڳيو فقير ڪلهوڙا دؤر جي مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو